حڪيم غلام محمد عرشي

حڪيم غلام محمد عرشي

حڪيم غلام محمد عرشي

حڪيم غلام محمد عرشي: حڪيم غلام محمد بن ڏاتر ڏنو سومرو، 1904ع ۾ ڳوٺ ’تڳر پراڻا‘ تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ست درجا سنڌي (فائنل پاس) پڙهيو. ان کان پوءِ فارسيءَ ۽ اردو جي تعليم قاضي غلام محمد سمي وٽان حاصل ڪيائين. هن پير عبدالاحد نوشهرائي عرف نوول گهوٽ کان ٻه سال حڪمت جي سکيا به ورتي، ان بعد هن تڳر پراڻا ۾ اچي حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيو. سندس مطالعو تمام وسيع هو. فارسي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ۽ مطالعو رکندو هو. کيس هزارن جي تعداد ۾ فارسي بيت زباني ياد هئا. 1920ع کان شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’عرشي‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. هن غزل، ڪافين ۽ بيتن تي خوب طبع آزمائي ڪئي. سندس ديوان ’ديوان عرشي‘ ٻن حصن تي مشتمل آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) خود شناسي (ترجمو:2001ع)، (3) مثنوي حضرت بوعلي قلندر (منظوم ترجمو: 1974ع)، (3) مجارباتِ عرشي، جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾: (1) رباعيـات عـمـر خـيـام (منظوم ترجمو)، (2) رباعيات سرمد شهيد، (3) پيغام پنوهارن جا، (4) مثنوي جلال الدين رومي (ترجمو)، (5) الهامات عرشي (شاعري)، (6) ابيات عرشي، (7) مثنوي سير قبرستان سميت ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ۽ قرآن شريف جي آيتن جا سنڌي منظوم ترجما اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ موجود آهن. هي قابل حڪيم هو. سندس ٺهيل بادامن جو شربت سڄي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر پڻ مشهور آهي. ان کان سواءِ سندس ڪيترا طبي نسخا سنڌ اندر مشهور آهن. وٽس نادر قلمي نسخن تي مشتمل هڪ وڏو ڪتبخانو به هو، جنهن ۾ چئن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هيءُ 1935ع ڌاري هندستان گهمڻ ويو، جتي خواجا حسن نظاميءَ سان ملاقات ڪيائين. حڪيم غلام محمد جي وفات 3 جولاءِ 2003ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.07.03  عيسوي

حڪيم غلام محمد جي وفات 3 جولاءِ 2003ع تي ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر ساهڙ
حڪيم محمد صادق طالب
اختر ثانوري
ايوب کوسو
ضياء جالنڌري
حداد حاجي محمد
سودائي سومرو
محبوب سنڌي
درگاهي ميراڻي
رودڪي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون